ڪراچي (م ڊ) او آءِ سي فلسطين تي اسرائيل جي وحشاڻي بمباري معاملي کي روايتي قرارداد منظور ڪري اُڪلائي ڇڏيو، سعودي عرب جي درخواست تي فلسطين جي صورتحال تي او آءِ ي جي پرڏيهي وزيرن جو هنگامي ورچوئل اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ اسرائيل جي حملن ۽ فلسطين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، 57 اسلامي ملڪن جي نمائنده تنظيم او آءِ سي نه اسرائيل سان اقتصادي بائيڪاٽ جي ڳالهه ڪئي ۽ نه وري ڪنهن ٻي قدم جو مطالبو ڪيو، فلسطين تي اسرائيلي بمباري ۽ وحشاڻي حملن کي هڪ روايتي قرارداد منظور ڪري اُڪلائي ڇڏيو، اجلاس ۾ فلسطين جي حق ۽ اسلائيل جي ظلمن خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته القدس الشريف ۽ مسجد اقصيٰ جي حيثيت مسلم امت لاءِ ريڊ لائين جهڙي آهي. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته حالتن جي خرابي جو ذميوار مڪمل طور تي اسرائيل آهي، قابض اسرائيل فلسطينن خلاف وحشياڻه حملا بند ڪري. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل فوري طور تي اسرائيل جا حملا روڪرائي، اجلاس ۾ اسرائيل جا توسيعي منصوبا رد ڪيا ويا، نو آبادياتي پاليسي تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو، قرارداد ۾ چيو ويو ته اسرائيل صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ کان پاسو ڪري، انساني حقن جي ڀڃڪڙيون ۽ مقدس جاين جي بي حرمتي بند ڪري، قراداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته عالمي برادري پنهنجي ذميواري پوري ڪري، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي اسرائيلي جارحيت روڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي، عالمي برادري مداخلت ڪري. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسرائيلي ڪارروائين کي انساني حقن جي لتاڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسرائيلي فوج هٿئين خالي فلسطينين کي پنهنجي جارحيت جو نشانو بڻائي رهي آهي، عالمي برادري فلسطينين خلاف طاقت جو غيرقانوني استعمال روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. ان کان اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ٽيلفونڪ رابطو ڪيو، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، آمريڪا سان مضبوط اقتصادي تعاون، علائقي رابطا کي هٿي ڏيڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي قيام لاءِ هڪ جهڙي سوچ جو خواهشمند آهي، شاهه محمود قريشي آمريڪي هم منصب کي فسلطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جي حوالي سان پاڪستاني قوم کي بيچيني کان آگاهه ڪيو.