اسلام آباد: افغان حڪومت پاران پنهنجو سفارتي عملو واپس گهرائڻ واري فيصلي کي پاڪستان افسوسناڪ قرار ڏنو آهي، ترجمان پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا بابت جاچ جاري آهي، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ٿي رهي آهي، هن چيو ته افغان سفير، سندس خاندان ۽ سفارتي عملي جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي، پرڏيهي سيڪريٽري افغان سفير سان ملاقات به ڪئي ۽ افغان سفير کي معاملي تي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي سيڪريٽري افغان سفير کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.