اسلام آباد: افغان سفير جي ڌيءُ کان جاچ ٽيم پڇا ڳاڇا ڪئي جڏهن ته ٻن ٽيڪسي ڊرائيورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٽئين ٽيڪسي ڊرائيور جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، واقعو 16 جولاءِ تي پيش آيو هو، ذريعن موجب ڪالهه جاچ ٽيم جي آفيسرن افغان سفير ۽ سندس ڌيءَ سان ملاقات ڪئي، ناريءَ تسلي بخش جواب نه ڏنا، ذريعن موجب جاچ آفيسر سوال ڪيو ته اوهان راولپنڊي ڇا ڪرڻ ويا هئا؟ جنهن تي افغان سفير جي ڌيءُ جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي، جاچ آفيسر سوال ڪيو ته اوهان سفر دوران ڊرائيور سان ڳالهائيندا رهيا، جنهن تي هن جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي، جاچ آفيسر سوال ڪيو ته اوهان دامن ڪوهه تي انٽرنيٽ استعمال ڪيو، جنهن تي سفير جي ڌيءُ چيو ته اغوا ڪندڙن موبائل کسي ورتو هو، جنهن تي آفيسر چيو ته فوٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي ته موبائل فون اوهان وٽ آهي، جنهن تي ناري تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهي، ناري جي موبائل فون جاچ لاءِ اماڻي وئي.