افغانستان ۾ گڏيل حڪومت ٺاهينداسين ته به آمريڪا ۽ اتحادي قبول نه ڪندا: اڳوڻو وزيراعظم

0
243

ڪراچي(م ڊ) افغانستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حزب اسلامي جي سربراهه گلبدين حڪمت يار چيو آهي ته جيڪڏهن اسان گڏيل طورتي حڪومت ٺاهينداسين ته به آمريڪا ۽ ان جا اتحادي افغان حڪومت کي قبول نه ڪندا.

ڪابل ۾ پاڪستاني صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته 31 آگسٽ کان پوءِ حڪومت جي قيام لاءِ مشاورت ٿيندي، ڪونسل ٺاهي وئي هئي جيڪا طالبان سان نئين حڪومت جي قيام تي ڳالهائيندي، ڪونسل طالبان کي هڪ عبوري حڪومت جي قيام جو مشورو ڏنو هو، انهي مشوري جي تحت هاڻي ادارن جي عبوري سربراهه بڻايا پيا وڃن.

هن چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته طالبان جي حڪومت هلي، اسان جو مشور آهي ته افغان عوام گڏجي نئين حڪومت جي لاءِ اتفاق قائم ڪري.

ڪابل ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي اهڙي ملڪ کي ڏني وڃي جيڪو اسان جي ملڪ جي باري ۾ غلط مقصد نه رکندو هجي.