قاضي احمد ڀرسان وڻ ۾ ٽنگل لاش هٿ

0
357

قاضي احمد(ن  پ ا)  قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ بخشڻ بالادي ۾ علي نواز انڙ جي ڪيلن  جي باغ ۾کجي جي وڻ ۾ مبينا طور ڦاھو ڏنل ٽنگل لاش هٿ آيو آهي.

باغ ۾ ڪم ڪندڙ مقامي ڳوٺاڻن ٽنگيل  لاش کي ڏسي سڃاڻپ ڳوٺ بخشڻ بالادي واسي رازڪو ڪم ڪندڙ پورهيت شاهنواز بهراڻي طور ڪئي.

جنهن بعد واقعي جو  قاضي احمد پوليس کي اطلاع ڪيو،  پوليس واقعي واري هنڌ تي  پهچي لاش کڻائي مقامي رورل هيلٿ سينٽر  اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.

پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي شخص 3 ڏينھن کان گم ھو، وارثن پاران ڳولا ڪئي پئي وئي پر اڄ سندس جو ٽنگيل حالت ۾ لاش مليو.