افغانستان ۾ ڇڏيل خطرناڪ هٿيار ۽ خطي ۾ امن جو سوال!

0
364

 ويهه سال پهرئين آمريڪا دنيا مان دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جيڪا جنگ افغانستان ۾ شروع ڪئي هئي، تنهن جي سڀ کان وڏي “ڪاميابي” اها آهي جو جن طالبان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا افغانستان ۾ داخل ٿيو هو، اڄ اهي طالبان هڪ دفعو ٻيهر افغانستان تي قابض ٿي ويا آهن ۽ آمريڪا اتان شڪست کائي واپس وڃي رهيو آهي. افغانستان کي هڪ دفعو ٻيهر طالبان حوالي ڪرڻ جي حوالي سان آمريڪا ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان جي پويان آمريڪا ۽ سندس اتحادين جا ڪهڙا ڊگهي مدي وارا مفاد آهن؟ تنهن بابت ڳالهه ٻولهه ڪنهن ٻئي ڀيري ضرور ڪنداسين. پر هن وقت اسان صرف ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته آمريڪا پويان افغانستان ۾ جيڪي هٿيار ۽ انتهائي خطرناڪ جنگي جهاز ڇڏي ويو آهي، تنهن سان ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا سميت پوري خطي تي ڪهڙا ناڪاري ۽ انتهائي خطرناڪ اثر پوندا؟ تنهن جو هڪ حد تائين مٿاڇرو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته آمريڪا هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور افغانستان مان پنهنجي فوج ڪڍي واپس وڃي ها. پر جنهن تيزي سان آمريڪا افغانستان مان نڪتو آهي، تنهن تي ٻئي دنيا ڇا خود ڪيترا اڳوڻا آمريڪي جنرل ۽ ان جي اتحادي فوج نيٽو جا جنرل پڻ حيران آهن. هڪڙي پاسي آمريڪا افغانستان مان نڪري ويو آهي ته ٻئي پاسي افغانستان ۾ آمريڪا جيڪي لکين خطرناڪ هٿيار ۽ سوين جنگي جهاز ڇڏي ويو آهي، تنهن سان خطي ۾ جيڪا جنگ شروع ٿيندي، تنهن بابت هن وقت تصور ڪرڻ به مشڪل آهي. آمريڪا ۾ قائم “اسپيشل  انسپيڪٽر جنرل فار افغانستان ريڪنسٽرڪشن” پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ انگن اکرن سان ٻڌايو آهي ته افغان هوائي فوج وٽ جون 2021ع جي آخر تائين 167 حملي آور هيلي ڪاپٽر ۽ ٻيا جنگي جهاز هئا. جنهن ۾ اي سي جنگي جهاز 33، ايم ڊي هيلي ڪاپٽر 43، اي 29 جنگي طيارا 23، يو ايج 60 بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر 33، سي 130 هر ڪوليس 3 ۽ ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر 32. اهو تعداد صرف جنگي جهازن جو آهي، جڏهن ته مختلف خطرناڪ هٿيارن جا انگ اکر ان کان الڳ آهن. انهن انگن اکرن مطابق 2003ع کان وٺي 2016ع تائين آمريڪا افغانستان ۾ جيڪو جنگي سامان موڪليو هو تنهن ۾ 3 لک، 58 هزار 530 رائيفلون، 64 هزار گن مشينون، 25 هزار 327 گرينيڊ لانچر، 22 هزار 174 اهڙيون گاڏيون جيڪي هر قسم جي ڏکئي ۽ انتهائي خطرناڪ روڊ تي به سولائي سان هلي سگهن ٿيون. ساڳئي رپورٽ ۾ 2017ع کان وٺي 2021ع تائين هٿيارن سان گڏ ٻئي جنگي سامان جو پڻ تفصيل ڏنو ويو آهي. جنهن مطابق گذريل چئن سالن ۾ آمريڪا افغان فوج کي 3 هزار 598 ايم 4 رائيفلون، 3 هزار 32 همويز گاڏيون تمام گهڻا مهانگا گلاسز، ليزر سائٽس ۽ فليش لائٽس ڏنيون.

ڪجهه رپورٽن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته آمريڪا جيڪي افغانستان ۾ هٿيار ڇڏيا آهن، تنهن سان طالبان ٻه وڏيون جنگيون آساني سان وڙهي سگهن ٿا. ڇو ته طالبان وٽ هاڻي روسي ساخت جا هٿيار گهٽ آهن، جڏهن ته آمريڪي ساخت جا هٿيار وڏي تعداد ۾ موجود آهن، جنهن ۾ آمريڪي ايم فور ڪاربائنز ۽ ايم 16 رائيفلون  تمام گهڻي تعداد ۾ آهن. عام طور چيو وڃي ٿو ته طالبان جديد هٿيارن يا جنگي جهازن کي هلائڻ ۾ ڪا مهارت نٿا رکن، تنهنڪري اهي آمريڪا پاران ڇڏيل هٿيار ۽ جنگي جهاز هلائي نه سگهندا ۽ اهي اتي پئي پئي ناڪارا ٿي ويندا. پر ٻئي پاسي زميني حقيقتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن. ڇو ته گذريل 20 سالن ۾ آمريڪا جيڪا 3 لک کان به مٿي افغان فوج تيار ڪئي آهي، اها اتي موجود آهي. طالبان افغانستان ۾ تيار ٿيل انهن فوجين کي ڪنهن به وقت هڪ دفعو ٻيهر اهڙيون گاڏيون ۽ ويڙهاڪ جهاز هلائڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا يا مالي تنگي ۽ ٻئي ڪنهن سبب به اڳوڻا افغان فوجي خود به خود به طالبان سان ملي نه صرف اهي هٿيار ۽ جنگي جهاز هلائيندا پر طالبان کي پڻ انهن کي هلائڻ جي ٽريننگ ڏيندا. نه صرف اهو پر طالبان ايتري وڏي تعداد ۾ موجود هٿيارن کي اسمگل ڪري ٻين ملڪن ۽ علائقن تائين پهچائي سگهن ٿا. جنهن سان هڪڙي پاسي طالبان کي تمام گهڻو مالي فائدو پهچندو ته ٻئي طرف طالبان هم خيال گروپ پڻ طاقتور ٿيندا، جنهن سان ٻين علائقن ۽ خطن تي خطرناڪ اثر پئجي سگهن ٿا. آمريڪا کي اڃان افغانستان مان نڪرندي 15 ڏينهن به مس ٿيا آهن ته افغانستان مان اهڙن هٿيارن جي اسمگلنگ شروع ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن اخبارن ۾ آيو آهي ته قنڌار مان پاڪستان ڏانهن اسمگل ٿيندڙ هٿيار پڪڙيا ويا آهن. هي ته هٿيار پڪڙجي پيا آهن ۽ اها خبر ڪنهن نه ڪنهن طرح ميڊيا ۾ به اچي وئي آهي، پر ان خبر مان ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هاڻي ئي افغانستان مان خطرناڪ هٿيارن جي اسمگلنگ ٻين ملڪن ۽ علائقن ڏانهن شروع ٿي وئي، جنهن سان تمام جلد پوري خطي ۾ اهڙا خطرناڪ آمريڪي هٿيار پهچي ويندا ۽ خطي ۾ نه صرف هڪ نئين جنگ ڇڙڻ جا چٽا امڪان موجود آهن، پر ان سان جيڪا تباهي ايندي تنهن جو هن وقت تصور ڪرڻ به مشڪل آهي.

[email protected]