فقط اوڻٽيهه هزار

0
360

  مونکي ان بئنچ جي تلاش هئي  جنهن کي انگريزي ۾ ڊيسڪ چون ٿا. مان بئنچ جي تلاش ڪندي ڪندي ڪڏهن گورک جي پهاڙي تي ٿي هليو ويس ته ڪڏهن وري مسٽر جناح جي مزار تي.

ڪڏهن سکر جي لب مهراڻ تي ته ڪڏهن ڪراچي جي تغلق هائوس ۾. ايئن رلندي رلندي ڪافي ڏينهن کان پوءِ مونکي پتو پيو ته ان منفرد ڊيسڪ جي رونمائي جي تقريب ڪراچي ۾ وڏو وزير پنهنجي هٿن سان ڪري رهيو آهي. ڊيسڪ جي رونمائي دوران وڏو وزير ڊيسڪ بابت اهم پريس ڪانفرنس به ڪندو.

منهنجي ڪوشش هئي  ته ان پريس ڪانفرنس ۾ ڪيئن به ڪري آئون شريڪ ٿيان  ۽ پنهنجي اکين سان ان ڊيسڪ کي ڏسي ان جي فائدن، جوڙجڪ، ڪاٺ جي ماپ ۽ لوهه جي گيج بابت پنهنجي پٽ مولڻ کي تفيصلي ڄاڻ ڏيان مونکي ڊپ هو ته ڪٿي منهنجو مولڻ پٽ ان اهم معلومات کان پري نه رهي ۽ اڳتي هلي ماسترن جي آءِ بي اي واري ٽيسٽ ۾ فيل نه ٿي وڃي.  سو مون واري پٽ مولڻ جو مستقبل بچائڻ لاءِ ضروري هو ته مان پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي ڊيسڪ جي فضيلتن بابت ڄاڻ وٺان . ڪنهن کاهوڙي صحافي وٽان پريس ڪانفرنس جي هنڌ جو پتو مليو سو هڻي وٺي اتي پهتس پر بندوق وارا پهريدار مونکي ٻڌايل پتي واري جڳهه ۾ اندر ڇڏڻ لاءِ قطعي تيار نه هئا. مون کين هٿ ٻڌي منٿون ڪيون ته مان ڳوٺان باس باسي نڪتو آهيان ته جيڪڏهن مان ڊيسڪ ڏسي آيس ته سيري جي ديڳ اچي خيرات ڪندس پر محافظن جو زور ته اندر فقط اهي وڃي سگهن ٿا جن وٽ صحافت جو لائسنس هوندو بنا لائسنس وارو صحافي اندر پريس ڪانفرنس ۾ وڃي نٿو سگهي، مون پڇيو اهو لائسنس ڪٿان ملندو بندوق واري همراهه منهن خراب ڪري چيو اخبار ۽ ٽي وي جي مالڪن وٽان. مون کيس چيو مون غريب کي ڀلا ڪير لائسنس ڏيندو هن ڇاتي واري تري هڻي مونکي در کان پري ڪندي چيو چريا ماڻهو ڳوٺان نڪريو اچن، اچيو اسان جو دماغ کپائين، هن سخت لهجي ۾ چيو جي ٻيهر ڪو سوال ڪيو اٿئي مون جهڙو وري ڪو بڇڙو نه ملندئي.

زور اڳيان زاري سو ماٺڙي ڪري دروازي جي پاسي ۾ ئي پپر جي وڏي وڻ هيٺان پوتڙو وڇائي ويهي رهيس. ان دروان جيڪو گذري ان کي منٿ آزي ڪريان ته ٻيلي اندر وٺي هلو ته مان به اها ڊيسڪ ڏسان جيڪا جڳ جهان ۾ ٽرمپ کان پوءِ ٻئي نمبر تي مشهوري ماڻي چڪي آهي. پر قصو هتي ابتو پريس ڪانفرنس ۾ ويندڙ هر ماڻهو منهنجي مدد ڪرڻ بدران چٿر ڪرڻ ۾ پورو هو.

 سيپٽمبر جي چٽ واري موسم ۾ پوتڙي تي ايئن ويٺو هجان ڄڻ ڪو خانداني فقير هجان نيٺ پريس ڪانفرنس واري جڳهه ۾ اندر ويندڙن کي بريڪ لڳو ته هڪ بندوق وارو محافظ منهنجي مٿان اچي بيٺو. ڳاڙھيون اکيون ڪري پڇيائين ڪٿان آيو آهين. مون مرڪي چيو ڳوٺان آيو آهيان.

ڇو آيو آهين؟ مون چپن پويان لڪايل ڏند ڪڍيا محافظ کي ھٿ ادب جا ٻڌي چيم جنهن ڳوٺ مان آيو آهيان ان ڳوٺ جو  اسڪول ڪيترن ئي سالن کان بند آهي. ڳوٺ واري استاد وفات ڪئي ته ٻيو استاد آيو ئي نه. مان وڏين ڪوشش کان پوءِ اسڪولن واري صاحب سان ملڻ ۾ ڪامياب ٿيس. توکي خبر آهي اسڪولن وارن صاحبن جا آفيس ۾ ويهڻ جا به ڏينهن مقرر ٿيل آهن پر عجيب اتفاق جنهن ڏينهن مان وڃان ان ڏينهن اسڪولن وارو صاحب وري اچي ئي نه. پهرين ته مون سمجهيو ته شايد منهنجي ڪري نٿو اچي پر پوءِ صاحب جي نائب قاصد کان خبر پئي ته صاحب گهڻو ڪري ڀوتار جي بنگلي تي هوندو آهي ڪم به اتي ڪندو آهي. مونکي حيرت نه ٿي ڇاڪاڻ مان اسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ويس ته اتي به اسٽنٽ ڪمشنر نه هو. اسپتال ويس ته اتي ايم ايس نه هو. ڀلائي کاتي جي دفتر ويس ته نه ڀلائي ملي نه ئي صاحب مليو هو.

نيٺ هڪ ڏينهن اتفاق ٿيو اسڪولن وارو صاحب به آفيس ۾ ته مان ان جي آفيس ۾. نائب قاصد کي چيم ته ٻيلي پاڻ ڄاڻين ٿو ڪيترا پنڌ ڪيا اٿم اڄ ته صاحب سان ملاقات ڪرائجان. نائب قاصد جون وري اڄ اکيون صفا  ڦريل هيون، ڄڻ سڃاڻي ئي نه پيو پير زمين تي نه پيا لڳنس.آفيس اندران سڏ ٿيو همراهه ڊوڙندو ويو کيس شايد حڪم ٿيو ته ڪار مان فروٽ لاهي ڌوئي ۽ ڪٽي کڻي آ.  فروٽ جون چار پليٽون ڀري اندر آفيس هليو ويو. آفيس جو در کليو ته ليئو پائي ڏٺم ته اسڪول جي صاحب سان گڏ ڏهاڪو کن ٻيا همراهه ويٺا هئا. رکي رکي ٽهڪن جا آواز پئي آيا.

ان ڏينهن مونکي خبر پئي هئي ته اسڪولن جي صاحب جي نائب قاصد جو نالو گلو آهي.

مون کيس احترام مان چيو ميان گل محمد گلو جي دل ۾ نه ڪرين ته هڪ ڳالهه عرض ڪريان هن چانهن کي ڪوپن ۾ وجهندي مون ڏانهن نهارڻ بدران ئي چيو ها چئه.

ميان منهنجو اسڪول سالن کان بند آهي ماستر موسو گذاري ويو ته وري ڪنهن نهاريو به ناهي ڳوٺ جا ٻار ڍڳن جيان رڳو گهٽين ۾ رنڀون پيا ڪن ڇورا آهن سي سڄو ڏينهن پيا ٽڪ ٽاڪ ٺاهين.نه هتان جا نه هتان جا بچيا آهن سو صاحب کي ٻڌائي وٺ سائل صدا کڻي در تي انتظار پيو ڪري.

گلوءَ ڪيڪ پليٽ تي رکي مون ڏانهن نهاريو چئبو نالو سائل اٿئي پر مٿو ته سائين بخش ماستر جيان کائي ويو آھين ڏسين نٿو ته صاحب اهم ميٽنگ ۾ آهي. نائب قاصد گلو چانهن ۽ ڪيڪ کڻي اندر ويو. در کليو ته  اندر ويٺل ماڻهن جا آواز ڌو ڪري ٻاهر نڪتا. مون رڳو ٻڌو ته اوڻٽيهه هزار جي ڊيسڪ…

گلوءَ ساڄي پير سان در جي تاڪ کي ٻيڪڙي ورتو.

چانهن ڏيئي واپس آيو ته ڳاڙهو نوٽ هٿ ۾ کڻي نڪتو. گلو جي ڏند ٽيڙ ڏسڻ وٽان هئي. مون پڇيو اوڻٽيهه هزار جي ڊيسڪ ڇا ماجرا آهي. هن سو جو ڳاڙهو نوٽ پاسي واري کيسي ۾ وجهي چيو مسٽر سائل جاسوسي نه ڪر ڪن هنيو در تي ويٺو آهين خبر ناھي ڪهڙين ايجنسين جي لاءِ ڪم ٿا ڪريو. مون چيو گلو جيڪي گاريون ڏيڻيون اٿئي ڏي پر ايجنسين جو نه چئه.

آفيس اندارن گهنٽي وڳي نائب قاصد گلو ڊوڙندو ويو. واپسي تي اچي چيائين سائل وڃ وڃي صاحب کي صدا هڻي اچ.  مون ڪلهي تي رکيل ٽوال سان چهري جو پگهر اگھيو اندر ويس ڦرڻي ڪرسي تي اسڪولن جو صاحب ويٺو هو. آفيس ۾ ڏهاڪو کن ٻيا همراهه ڪرسين تي برجمان هئا مون سلام ڪيو جواب ئي نه مليو. اسڪولن جي صاحب پڇيو سائل تون آهين؟ نه سائين مان ليمون آهيان مولڻ جو پيءُ. اسڪولن جي صاحب پڇيو ليمان ڪيئن آيو آهين مون ڪرسين ڏانهن ڏٺو ڪا ڪرسي خالي نه ملي بيٺي عرض ڪيم صاحب اسانجي اسڪول جو ماستر موسو وفات ڪري ويو آهي ان ڏينهن کان اسان جو اسڪول بند آهي پنج سال گذري ويا نه ٻيو ماستر آيو نه اوهان آيا. سو عرض اهو آهي ته اسان کي ماستر به ڏيو ۽ بئنچون به ڏيو جيئن اسان جا ٻار اسڪول ۾ پڙهي سگهن.

اسڪولن جو صاحب ڳالهائڻ لڳو، ليمان ابا نه پڇ سو کن ماسترن ته بائيوميٽرڪ جي ڀوَ کان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي ته ڪي وري موسي جيان فاني جهان ڇڏي ويا هاڻي جيئن ئي نيون ڀرتيون ٿيون ته ماستر توڏانهن ضرور موڪلبو تيسين ٽل سل ڪري ڳوٺ جي ڪنهن پڙهيل لکيل ڇوڪري کي  پڙهائي سان لڳائي وٺ، هونئن به واندي کان ونگار ڀلي. مون چيو صاحب منهنجو پٽ مولڻ يونيورسٽي پاس آهي جي لکت ۾ اجازت ڏيو ته اهو ٻارن کي پڙهائي وٺندو.

اسڪولن جي صاحب کلي چيو بابا ڇاجي اجازت اسڪول به ليمي جو پٽ به ليمي جو ٻار به ليمي جي ڳوٺ جا وڃي نيڪي جو ڪم ڪر.

مون چيو صاحب اسڪول ۾ نه بئنچ نه ڊيسڪ ٻار ڇا تي پڙهندا. صاحب کاڏي هيٺان ٺونٺ رکي سوچ ۾ پئجي ويو، ليمان ڊيسڪ مهانگي آهي پوري اوڻٽيهه هزار جي ڊيسڪ آهي سا منهنجي وس ۾ نه اٿئي ڊيسڪ وڃي آسمان تي ڳول. مان بيٺي بيٺي آفيس مان مولڻ جي اسڪول پڙهائڻ واري اجازت واري پني ۽ ڊيسڪ جي ڳوٺ هليو آيس پر اوڻٽيهه هزار جي ڊيسڪ مونکي سمهڻ نٿي ڏئي خوابن ۾ ڊيسڪ اوجاڳن ۾ ڊيسڪ سو سنڌ ووڙي بيٺو آهيان پر  ايڏي مهانگي ڊيسڪ خبر ناهي ڪٿي لڪائي رکي اٿن.

بندوق واري محافظ مونکي ٻانهن مان اٿاري پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو. مان حيران هئس ته هن کي اوچتو ڇا ٿي ويو آهي. محافظ مونکي اندر وٺي آيو پرهجوم پريس ڪانفرنس جاري هئي. اسان پنهنجي اسڪولن جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. پنهنجن ٻارن لاءِ هن سال اسان اوڻٽيهه هزار جي ڊيسڪ ورتي آهي اسان جي خواهش آهي ته اسان جي اسڪولن جا ٻار لک روپين واري ڊيسڪ تي ويهي پڙهن.

پريس ڪانفرنس ڪندڙ سان گڏ ماسڪ پاتل ٻه ٻيا همراهه به اٿيا انهن چمڪڻي اڇي چادر جي ڳاڙهي ربين ڪٽي چادر لاٿي ته ڊيسڪ ظاهر ٿي.

 ملازمن زور سان تاڙيون وڃايون. رونمائي تقريب ختم ٿي ته منهنجي ڊيسڪ تي نظر پئي منهنجي نڙي مان بي اختيار رڙ نڪتي ابوه هي ته چاچي عيدن واڍي جي ٺهيل ڊيسڪ آهي. آلي ٻٻر جي ڪاٺ ۽ ڪٻاڙيءَ جي لوهه مان. همراهه ھڪل ڪئي وٺوس وٺوس،جمهوريت جو دشمن، متان ويو آهي.

محافظن مونکي گهيري ورتو لتن مڪن جا سٽڪا هئا مونکي ايئن ڪٽيو ويو جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽجي. مون کي حيرت آهي ته چاچي عيدن واڍي جي ڊيسڪ هتي  ڪيئن پهتي. مان ان ڳالهه تي به پشيمان آهيان ته منهنجي ووٽ سان اقتدار ۾ پهچندڙ مونکي جمهوريت جو دشمن ڪيئن چئي رهيا هئا. مونکي پريشاني آهي ته ايندڙ سال لک روپين واري ڊيسڪ هي ڪٿان خريد ڪندا. مان خوش آهيان ته چاچي عيدن جي ڊيسڪ هن وقت  حڪومت اوڻٽيهه هزار ۾ خريد ڪئي آهي پر ان هوندي به پڪ اٿم ته منهنجي اسڪول جي شاگردن کي ڊيسڪ نه ملندي ڇاڪاڻ منهنجي ڳوٺ جو بنگلي سان ٺاهه ناهي.