اسپينش فٽبال ليگ: ريال ميڊرڊ ۽ ويا ريال ۾ مقابلو برابر

0
203

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) اسپينش فٽبال ليگ لاليگا ۾ ريال ميڊرڊ ۽ ويا ريال وچ ۾ مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو. ريال ميڊرڊ جي هوم گرائونڊ تي ٻئي ٽيمون گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون ۽ ميچ بنا ڪنهن گول جي برابر ٿي وئي. اسپينش فٽبال ليگ ۾ 17 پوائنٽس سان ريال ميڊرڊ جي برتري برقرار آهي. اسپينش فٽبال ليگ ۾ لاليگا ۾ ٽيمن ۾ پوائنٽس ٽيبل تي برتري لاءِ جدوجهد جاري آهي، ٽاپ چار ٽيمن وچ ۾ رڳو چار پوائنٽس جو فرق آهي.