اسٽار ڪرڪيٽر عوام کان معافي گهري ورتي

0
203

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي راندين بابت صلاحڪار لاهور ۾ ٿيل برسات بعد وائرل ٿيل پنهنجي وڊيو تي معافي گهري ورتي آهي

گذريل ڏينهن لاهور ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي هئي، والٽن روڊ تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو هو، جڏهن ته انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر آئي

وهاب رياض برسات کانپوءِ شاهراهه جي دوري تي نڪتو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن بعد کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو

برسات کانپوءِ وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته وهاب رياض اسپيڊ ۾ گاڏي هلائي رهيو آهي، جنهن سان موٽر سائيڪل سوار فيملي مٿان پاڻي ڪري ٿو

سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد شهرين وهاب رياض کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته وهاب رياض جي پاڻي ۾ گهمڻ واري وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي

اسٽار ڪرڪيٽر پنهنجي غلطي تسليم ڪندي قوم کان معافي وٺندي آئنده اهڙي غلطي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي