اسلام آباد ۾ ليڊي ڪانسٽيبل جو پراسرار موت ڳجهارت بڻجي ويو

0
178
اسلام آباد ۾ ليڊي ڪانسٽيبل جو پراسرار موت ڳجهارت بڻجي ويو
اسلام آباد ۾ ليڊي ڪانسٽيبل جو پراسرار موت ڳجهارت بڻجي ويو

ڪراچي (م ڊ) اسلام آباد پوليس جي نوجوان ليڊي ڪانسٽيبل اقرا ڌيءَ نذر احمد پراسرار طور فوت ٿي وئي، پوليس موجب عوت جا والدين ڪراچي ۾ رهائش پذير آهن جيڪي مانسهره جا رهواسي آهن

ايس پي ٽريفڪ سيد عارف حسين شاهه ليڊي پوليس ڪانسٽيبل کي اسپتال پهچايو، جنهن ٻڌايو ته اقراءَ منهنجي ڌيءَ وانگر هئي، هوءَ 11 وڳي بئنڪ وئي هئي جتان هوءَ منهنجي گهر آئي، گهر پهچڻ تي ٿوري دير بعد رت جون الٽيون شروع ٿي ويون

عارف حسين وڌيڪ ٻڌايو ته مان کيس پنهنجي ملازم سان گڏ پولي ڪلينڪ وٺي ويس جتي سندس علاج هلندڙ هو ۽ اٽڪل هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هو فوت ٿي وئي

هن چيو ته پولي ڪلينڪ جي رڪارڊ ۾ منهنجو نالو آهي، مون کي اقراءَ جي موت جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ به مليو آهي، سمورا شڪ ختم ڪرڻ لاءِ هن جو پوسٽ مارٽم به ڪرايو آهي

گردش ڪندڙ افواهون

ذريعن موجب هن کان اڳ هي افواهون هلي رهيو هيون ته اسلام آباد پوليس جي ليڊي ڪانسٽيبل جو لاش ڪفن ۾ ويڙهي پولي ڪلينڪ آندو ويو، لاشش آڻڻ وارو پاڻ کي ڊي ايس پي ظاهر ڪيو ۽ ايمرجنسي عملي کي ٻڌايو ته هو سول سرجن عابد شاهه جي حوالي سان آيو آهي

لاش کڻي ايندڙ شخص پنهنجو نالو طاهر نيازي ٻڌايو، عملي کي شروعاتي طور تي ٻڌايو ويو ته ڇوڪري سندس ڀائٽيي آهي ۽ هن زهريلي شئي کاڌي آهي

بعد ۾ جڏهن ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو ته هوءَ فوت ٿي چڪي هئي، جنهن بعد معاملو پوليس جي نوٽيس ۾ آندو ويو ۽ پوءِ اها خبر ڦهلجي وئي ته لاش ليڊي ڪانسٽيبل اقراءَ جو آهي

اهو به معلوم ٿيو آهي ته هن پوليس کي 11 وڳي پوليس لائن مان بئنڪ وڃڻ لاءِ چيو هو ۽ پوءِ شام جو 4 وڳي جو لاش مليو، هي موقف به سامهون آيو ته ڪوئي اڻڄاتل شخص هن جو لاش اسپتال ڇڏي ويو

ليڊي ڪانسٽيبل جي موت جي رپورٽ طلب

ٻئي طرف آءِ جي اسلام آباد ليڊي ڪانسٽيبل جي فوتگي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ايس ايس پي آپريشن کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي ميرٽ تي جاچ ڪئي وڃي ۽ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي وڃي

اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي اسلام آباد ليڊي ڪانسٽيبل اقراءَ جي موت جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي

 

 

ھي به پڙھندا

 

ملير: گلشن حديد ۾ روڊ حادثو، ٻه ڀائر فوت