اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت مٿانهين علائقن ۾ تيز هوائن سان طوفاني برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنوڻ سان گڏ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. جاڙن شهرن ۾ هينئر تائين 32 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. راولپنڊي جي هيٺاهين وارا علائقا برسات سبب پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. صادق آباد، شڪريال، ڍهوڪ ڪالا خان ۾ پاڻي گهٽين ۾ داخل ٿي ويو آهي. نديم ڪالوني، جاويد ڪالوني ۽ پيرودهاني جي علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي. هيوي مشينون لئه نالو، ڪميٽي چوڪ ۽ صادق آباد جي علائقي ۾ پهچايون ويون آهن. واسا جي عملي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. ايم ڊي واسا فيلڊ ۾ موجود آهي. مري، ڪهوٽه ۽ ڪوٽلي ستيان ۾ به تيز برساتن کان پوءِ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي برسات سبب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي. صوابي ۾ به تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برسات جو سلسلو اربع 14 سيپٽمبر تائين جاري رهندو.