اسلام آباد وارا نه پاڻ ڪم ڪندا آهن ۽ نه ٻئي کي ڪرڻ ڏيندا آهن: بلاول ڀٽو

0
51
اسلام آباد وارا نه پاڻ ڪم ڪندا آهن ۽ نه ٻئي کي ڪرڻ ڏيندا آهن: بلاول ڀٽو
اسلام آباد وارا نه پاڻ ڪم ڪندا آهن ۽ نه ٻئي کي ڪرڻ ڏيندا آهن: بلاول ڀٽو

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد وارن سان 18 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، هنن جي ذهنيت کان واقف آهيان، اسلام آباد وارا نه پاڻ ڪم ڪندا آهن ۽ نه ٻئي کي ڪرڻ ڏيندا آهن، اقتدار ۾ اچي اشرافيه کي ملندڙ سبسڊيز ختم ڪري اهي پئسا عوام تي خرچ ڪندس

 بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ملي ته وفاق جون 17 وزارتون ختم ڪندس، مون کي هڪ ڀيرو موقعو ڏنو وڃي، عوام جي تقدير بدلائينداسين

 مختلف سوالن جا جواب ڏيندي بلاول چيو ته حڪومت ملي ته وفاق جون 17 وزارتون ختم ڪندس، ملڪ کي معاشي بحران کانسواءِ موسمياتي تبديلي جا خطرا به آهن، اسان معاشي ماهرن سان گڏجي پنهنجو منشور ٺاهيو آهي