ارسا پاران پنجاب کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ تي سنڌ جي نگران وڏي وزير جو احتجاج

0
49
ارسا پاڻيءَ جي ورڇ پاڻي معاهدي جي پيرا ٽو تحت ڪرڻ وارو سنڌ جو مطالبو تسليم ڪري ورتو
ارسا پاڻيءَ جي ورڇ پاڻي معاهدي جي پيرا ٽو تحت ڪرڻ وارو سنڌ جو مطالبو تسليم ڪري ورتو

ارسا پاران پنجاب کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ تي سنڌ جي نگران وڏي وزير جو احتجاج، نگران وڏي وزير مقبول باقر نگران وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو

 پنهنجي خط ۾ نگران وڏي وزير چيو آهي ته اسان کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ تي سخت خدشا آهن، سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڳجهي نموني ۽ اوچتو اين او سي جاري ڪيو ويو

خط ۾ وڏي وزير چيو ته پاڻي معاهدي تحت پنجاب جو حصو اڳ ئي مقرر ٿيل آهي، سنڌ جي عوام پاران اپيل ڪيان ٿو ته چونڊيل حڪومت اچڻ تائين فيصلو ملتوي ڪيو وڃي