ڪابل (م ڊ) افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن اخوند چيو آهي ته اسلامي ملڪ افغان حڪومت کي تسليم ڪن، اسان کي سفارتي سطح تي تسليم ڪيو وڃي، افغانستان جي عبوري وزيراعظم عهدو سنڀالڻ بعد پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سمورا ملڪ خاص طور تي اسلامي حڪومت طالبان حڪومت کي قبولن ڪن، ان کانسواءِ اسان کي ڪنهن به مدد جي ضرورت نه آهي، طالبان امن ۽ سلامتي کي بحال ڪري سمورا ضروري شرط پورا ڪيا آهن.