اسان ڏکڻ پنجاب جي محرومين جو خاتمو آڻينداسين: آصفه ڀٽو

0
62

پيپلز پارٽيءَ حيدرآباد ۾ پاور شو  لاءِ پنڊال سجائي ورتو،  بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه دير ۾ جلسي گاهه ۾ پهچندو، ميونسپل گرائونڊ حسين آباد ۾ جلسي جون تياريون مڪمل، پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري آهي

 آصفه ڀٽو زرداري طرفان پ پ اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ چونڊ مهم جاري آهي، صادق آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته اسان ڏکڻ پنجاب جي محرومين جو خاتمو آڻينداسين

هن چيو ته جڏهن ٻوڏ آئي هئي  ته  لاهوري سياستدان نه بلاول ڀٽو اوهان جو گڏ هو، پيپلز پارٽي رڳو گهر ڏيندي آهي، ٻيون پارٽيون گهر کسينديون آهن، اسان وفاق ۾ حڪومت ٺاهي ته عوام کي 30 لک گهر ۽ 300 يونٽ بجلي مفت ڏينداسين