ميرپورخاص/ڇاڇرو(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو/عبدالجبار نهڙيو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪارونجهر کي ٽوڙيندڙن جا هٿ ڀڃي ڇڏينداسين، ڪارونجهر جي وسيلن تي ڪاروبار جو حق رڳو ٿر جي ماڻهن کي آهي. ميرپور خاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ ڀلي تباھ ٿي وڃي پر نواز شريف کي ڪرسي کپي، ھو رائيونڊ ۾ ويھي اسان جي ووٽ تي ڌاڙو ھڻڻ چاھي ٿو هن چيو تھ اڄ آئون پنھنجي شھر ميرپورخاص ۾ آيو آھيان، آئون ھتان جي ماڻھن جي حوصلي کي سلام پيش ڪريان ٿو. ھن چيو تھ 2018ع جي اليڪشن ۾ مون کي موقعو نھ مليو پر ھن دفعي پھريون ڀيرو اوھان کان ووٽ وٺڻ آيو آھيان. بلاول چيو تھ ھڪ ھٿين خالي ڇوڪري جڏھن آمريت خلاف بيٺي ھئي تھ ميرپورخاص جو عوام ان سان گڏ بيٺل ھو. ھن نواز شريف تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو تھ ھڪ شخص چوٿون دفعو وزيراعظم بڻجڻ چاھي ٿو، ڀلي ملڪ تباھ ٿي وڃي پر ھن کي ڪرسي کپي ٿي. ھن چيو تھ نواز شريف 3 دفعا وزيراعظم ٿيو، اھو ٻڌائي تھ ھن سنڌ کي ڇا ڏنو آھي؟ ھن چيو تھ اسان غربت ۽ مھانگائي سان مقابلو ڪريون پيا، پر ٻئي طرف اسان جي مقابلي ۾ تقسيم، نفرتن ۽ فرقيواريت جي سياست ڪندڙ بيٺل آھن. ھن چيو تھ ميان صاحب تمام گھڻو خوفزدھ آھي، ھي بزدل ۽ ڊڄڻو شخص آھي، ڇا عوام کي ڪنھن ڊڄڻي ۽ گدڙ شخص جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. بلاول چيو تھ نگران حڪومت ۾ جِن وزيرن کي نوازيو، اُنهن تي دٻاءُ وجهن ٿا ته فارم 45 ۽ 47 رائيونڊ پهچايو، نواز شريف رائيونڊ ۾ ويھي ميرپورخاص جي ووٽ تي ڌاڙو ھڻڻ چاھي ٿو، ھو پير آفتاب شاھ کي ھارائڻ چاھي ٿو پر ميرپورخاص جي جيالن آمريت جو مقابلو ڪيو ھو ھي تھ شينھن نھ پر ٻلي آھي، جنھن کان ڪير ڊڄندو. بلاول چيو تھ ميرپورخاص جي مينڊيٽ تي ڌاڙو لڳو تھ اسان اليڪشن ڪميشن کان مينڊينٽ ڇني وٺنداسين. ھن چيو تھ جيڪڏھن ڪو ڌانڌلي ڪري تھ ان کي اتي روڪيو ۽ فارم 45 وٺي پوءِ پولنگ اسٽيشن ڇڏيو. ھن چيو تھ اسان ڏھ نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪري غربت، مھانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪنداسين. ھن چيو تھ اسان آمدنيءَ ۾ اضافو ڪنداسين، غريب ماڻھن کي 30 لک پڪا گھر ٺاھي ڏينداسين، 300 يونٽ مفت بجلي ڏينداسين، انڪم سپورٽ جي پئسن ۾ اضافو ڪري نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ڏينداسين. ان موقعي تي بلاول ميرپورخاص جي ايم اين اي شپ جي اميدوار پير آفتاب شاھ جيلاني، مير منور ٽالپر، ايم پي اي شپ جي اميدوارن مير طارق ٽالپر، سيد ذوالفقار علي شاھ، نور احمد ڀرڳڙي ۽ ھريرام کي اسٽيج تان گھرائي سامھون سڏ ڪيو ۽ حلف کڻائيندي چيو تھ اسان کٽي آيا تھ عوام جي خدمت ڪنداسين، نوڪريون آيون تھ اھي پنھنجي مائٽن ۾ ورھائڻ بدران عوام کي ڏيندا. ان موقعي تي پير آفتاب شاھ ٿوري دير ڪئي تھ بلاول ڀٽو چيو تھ پير صاحب اوھان جلدي اچو، ائين نھ ٿئي جو رھجي وڃو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ اڳوڻ وزيراعليٰ سيد مراد علي شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. ان کان اڳ ڇاڇري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته  نواز شريف حڪومت ۾ اچي ٿر جو گرينائيٽ کپائڻ چاهي ٿو، هڪ ماڻهو غلط بياني ڪري رهيو آهي ته ٿر ڪول منصوبو هُن آندو، ٿر ڪول منصوبو نواز شريف جو هجي ها ته اڄ هو هتي جلسو ڪري ها، ميان صاحب چاهي ٿو ته سنڌ ۾ به ڪٺ پُتلي حڪومت هجي، سنڌ ۾ سندس سهولتڪار تاري جي نشان تي چونڊ وڙهي رهيا آهن، تارا ڏينهن جو نه، رڳو رات جو سٺا لڳندا آهن، متحده جو نالو کڻڻ بنا تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو جيالا ميئر ٿيا ته هنن کان هضم نٿو ٿئي، هُنن ڪراچي ۾ ڪالهه رات به گولين جي سياست ڪئي، هوش کان ڪم وٺو، اسان کي خبر آهي ته مقابلو ڪيئن ڪرڻو آهي، منهنجي ڪارڪنن کي رهنڊ به آئي ته پاڻ حساب وٺندس هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ٿر جي عوام کي معاشي فائدو ڏيارڻ لاءِ ٿرڪول منصوبو شروع ڪيو هو،8 فيبروري کان پوءِ وڌيڪ ڪم ڪنداسين،ٿرپارڪر کان ڪراچي تائين ٽرين جو بندوبست ڪنداسين، اسان اوهان جي لاءِ ايئرپورٽ ٺاهي ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪارونجهر تي شينهن وارن جي نظر آهي هو سمجهن ٿا ته حڪومت اچي هو ڪارونجهر کي ٽوڙي ان جو گرينائيٽ وڪرو ڪندا. هو منهنجي ۽ توهان جي ڪارونجهر ڏانهن هٿ وڌائيندا ته توهان ۽ اسان گڏجي انهن جا هٿ ڀڃي ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪارونجهر توهان جو ۽ اسان جو اثاثو آهي اسان ان جو تحفظ ڪنداسين جيڪڏهن ان تي ڪنهن کي ڪاروبار ڪرڻ جو حق آهي  اهو حق ٿرپارڪر جي ماڻهن جو آهي. آئون واحد سياستدان آهيان جيڪو عوام کان ووٽ گهري رهيو آهيان ٻيا هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيا آهن،اوهان ساٿ ڏنو ته دنيا جي ڪا به طاقت منهنجو رستو نٿي روڪي سگهي. هن چيو ته ڪارڪن ڀرپور نموني اليڪشن ۾ حصو وٺي رڳو پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي ووٽ ڏين ووٽ ڏيڻ بعد گهر نه وڃن پر پولنگ اسٽيشنن تي موجود رهن ۽ فارم 45 ملڻ تائين پولنگ اسٽيشن نه ڇڏين جيڪڏهن نتيجن لاءِ رات پولنگ اسٽيشنن تي سمهڻي پوي ته به سمهي رهن. هن چيو ته نواز شريف ڊڄڻو آهي هو چونڊ مهم به نه پيو هلائي.