جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد ڦول باغ پاڙي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ مينهون پاڙي ۾ اچڻ جي معاملي تي جهيڙو ٿي پيو، ڏنڊا لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جهيڙي سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو جڏهن ته ڌرين جي وچ ۾ ٿيل جهيڙي کي ختم ڪرائڻ لاءِ پهتل شهرين کي مڪن جو وسڪارو لائي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته خبر پئي آهي ته جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي پر ڌريون ٿاڻي تي ناهن پهتيون ان لاءِ وڌيڪ تفصيل ناهي ته انهن جا نالا ڇا آهن.