ڪراچي:  پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي آهي ته ايم پي اي ارسلان تاج جي گهر ۾ گهڙي کيس اغوا بعد گم ڪيو ويو آهي، ڪنهن به ايم پي اي کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ اسپيڪر کان اجازت وٺڻي هوندي آهي پر  پ پ حڪومت سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسين سڀ دهشتگردي جي ڪيسن کي منهن ڏيون پيا، هن چيو ته سنڌ ۾ آصف زرداري ۽ سنڌ حڪومت عوام لاءِ عذاب بڻيل آهن، هن مطالبو ڪيو ته ارسلان تاج کي آزاد ڪيو وڃي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ   اڳواڻ آفتاب صديقي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ارسلان تاج جي گرفتاري جو معاملو اٿاريو، خط ۾ ڄاڻايو ويو ته ارسلان تاج جي گرفتاري غيرقانوني آهي، انهي جو نوٽيس ورتو وڃي