ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪراچي پوليس پي ٽي آءِ  ايم پي اي ارسلان تاج کي گرفتار ڪري ورتو، راجا اظهر جي گهر تي به ڇاپو، پي ٽي آءِ جو  احتجاج، ان ڏس ۾  ڪالهه صبح  جو پوليس اٽالن گلشن اقبال ۾ واقع ارسلان تاج جي گهر تي ڇاپو هڻي  کيس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ارسلان تاج جي گرفتاري جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آيا، جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار ارسلان تاج کي گرفتار ڪري وٺي وڃي رهيا آهن. ٻئي طرف  پوليس ايم پي اي راجا اظهر جي گهر تي به ڇاپو هنيو پر هو گهر ۾ موجود نه هو. ھوڏانھن ارسلان تاج جي گرفتاري جو اطلاع ملندي ئي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، عمران اسماعيل، شهزاد قريشي ۽ ٻين ارسلان تاج جي گهر پهچي گهر ڀاتين کان معلومات ورتي. ارسلان تاج جي امڙ  موجب صبح جو 6 وڳي 20 کان 25 ماڻهن گهر جو دروازو زبردستي کولرايو، اهي ارسلان کي زبردستي کنڀي کڻي ويا. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي ۽ عمران اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ گلو بٽ راڄ جي شروعات ٿي چڪي آهي ايم پي اي کي بنا وارنٽ گرفتار ڪيو ويو،  ارسلان حد جي ٿاڻي گلستان جوهر  ۾ نه هو ، پوليس اسانجي درخواست به وصول نه ڪئي، سندس گھر وارا پريشان آهن، اسان پوليس ڪاررواين خلاف احتجاج ڪنداسين، رات دير سان سائيٽ پوليس ارسالن جي ڊي سي ڪياماڙي آفيس تي  حملي ڪيس ۾ گرفتاريظاهر ڪئي هئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ آفيس آڏو ڌرڻو  هنيو هو