اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا سنڌ جي اعتراضن باوجود پنجاب تي نوازشون ڪندي تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ ٽن ڏينهن اندر 13 هزار ڪيوسڪس پاڻي وهائي ڇڏيو آهي. مليل اطلاعن موجب 2524جولاءِ 2021ع تي سي جي لنڪ ڪئنال کي 2 هزار 75 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو ويو هو هو هئي، ان کي 25 تاريخ تي وڌائي 4 هزار 25 ڪيوسڪس ڪيو ويو، 26 جولاءِ تي پاڻي اڃا وڌائي 12 هزار 300 ڪيوسڪس ڪيو ويو. 27 جولاءِ تي پاڻي جو وهڪرو وڌائي 15 هزار 921 ڪيوسڪس ڪيو ويو آهي، ٽن ڏينهن ۾ 13 هزار ڪيوسڪس اضافو ڪيو ويو. ڪالهه تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌي 1497 فٽ ٿي وئي آهي. گڊو بئراج جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 64 هزار 897 ڪيوسڪس ۽ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 21 هزار 213 ڪيوسڪس آهي. 43 هزار 684 ڪيوسڪس پاڻي واهن وسيلي کنيو پيو وڃي. سکر وٽ مٿاهون وهڪرو هڪ لک 26 هزار 765 ڪيوسڪس آهي، هيٺاهون وهڪرو 70 هزار 300 ڪيوسڪس آهي. سکر بئراج جي واهن ۾ 56 هزار 465 ڪيوسڪس کنيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 37 هزار 590 ۽ ڊائون اسٽريم ۾ 635 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. ڪئنالن ۾ 36 هزار 365 ڪيوسڪس پاڻي کنيو پيو وڃي.