ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ٽرائل ڪورٽ کي 6 مهينن اندر ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو حڪم، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه طرفان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌايو، ٻه رڪني بينچ 12 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل 2 رڪني بينچ ضمانت واري درخواست رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اسان حيران آهيون ته خورشيد شاهه کي اسپتال ۾ سموريون سهولتون مليل آهن، اسان جي نظام جي خرابي سبب هڪ قيدي جيل ۾ سڙندو رهندو آهي، ٻيو وري سياسي پٺڀرائي سبب سموريون سهولتون حاصل ڪري وٺندو آهي، خورشيد شاهه سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري سموريون سهولتون حاصل ڪيون آهن، جنهن شخص هڪ ڏينهن به جيل ۾ نه گذاريو هجي، ان جي ضمانت جيل ۾ مشڪلاتن جي بنياد تي ڪيئن منظور ڪري سگھجي ٿي؟ اهڙو قيدي، جنهن کي سهولتون حاصل آهن، ان جي هارڊشپ جي بنياد تي ضمانت منظور نٿي ڪري سگھجي، خورشيد شاهه جو سب جيل ۾ رهڻ اسان جي نظام تي سواليه نشان آهي، 9 نومبر 2020 ع تي خورشيد شاهه جو عدالتي ريمانڊ ٿيو، انهي ڏينهن سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي سکر کي سب جيل قرار ڏنو، هو سب جيل ۾ نارمل زندگي گذاري رهيو آهي، سندس وڪيل به کيس ڪنهن بيماري مان زندگي کي خطرو هجڻ متعلق دليل نه ڏنا، انهي جو مطلب خورِشيد شاهه سب جيل سموريون سهولتون حاصل ڪري رهيو آهي. تحريري فيصلي ۾ احتساب عدالت سکر کي 6 مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت چيو ته سمورن جوابدارن کي شفاف ٽرائل جو مڪمل موقعو ڏنو وڃي، ايندڙ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا منظور نه ڪئي وڃي، ٽرائل ڪورٽ ريفرنس تي ميرٽ تحت فيصلو ڪري