اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم ميمبر صلاح الدين سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود اردو قومي ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو، صلاح الدين چيو ته ٻڌايو وڃي ته جڏهن قومي ٻولي اردو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود ان  کي لاڳو ڇو نٿو ڪيو وڃي، پارلياماني مامرن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته اردو ٻولي لاڳو ڪرڻ ضروري آهي، حڪومت ان جي حامي آهي، اردو ٻولي لاڳو ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.