حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا پاران موھن جي دڙي جي قديم ڍڳي واري لوگي کي ختم ڪرڻ واري عمل خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عھديدارن جي هڪ گڏجاڻي موري ۾ ٿي جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل تاج جويو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري فائزه ايوب، آزاد انور ڪانڌڙو، خطائي ٿيٻو ۽ حسين سارنگ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو ته سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جيڪڏهن سنڌ سنگت جي احتجاجي خط جي ٻن مھينن کان وڌيڪ عرصي تائين مثبت موٽ نه ڏني ته بورڊ جي ڪتابن ۽ رسالن تي موھن جي دڙي جي قديم ڍڳي واري لوگي جي بحالي لاءِ ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي. ان سلسلي ۾ شاخن کي ھدايت ڪئي وئي ته ادبي بورڊ جي ڍڳي واري قديم لوگي جي بحالي لاءِ دستخطي مھم شروع ڪئي وڃي ۽ گڏجاڻين ۾ ٺھراءُ پاس ڪري ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ وزير تعليم کي پوسٽ رستي اهي ٺهراءُ موڪليا وڃن. ضلعي رابطا سيڪريٽرين کي پابند ڪيو ويو ته 19 مارچ تي آچر جي ڏينھن سمورن ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ قومي ۽ ادبي مسئلي تي احتجاجي مظاھرا ڪيا وڃن ۽ ان لاءِ اديبن، ساڃاهه وندن، وڪيلن ۽ ٻين ڌرين سان به رابطا ڪيا وڃن. سنگت جي ھر شاخ کي سنگت پرچي جون گھٽ ۾ گھٽ 5 ڪاپيون خريد ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو ۽ ڪاپيون گھرائڻ لاءِ کين ضلعي رابطا سيڪريٽرين سان رابطي ۾ اچڻ جي هدايت ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌي عوام ۽ سنڌ جي سياستدانن جي ظاھر ڪيل خدشن سان سھمت ٿيندي وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ واري عمل کي سنڌين کي ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته آدمشماري تي سنڌ سرڪار کي به اعتراض آھن پر ان جي باوجود اهو عمل شروع ڪيو ويو ان ڪري اجلاس ۾ اپيل ڪئي وئي ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهو گھرن ۾ ڀلي ڪھڙي به ٻولي يا لھجو ڳالھائيندا ھجن، پر ٻولي جي خاني ۾ صرف ۽ صرف سنڌي لکرائين.