احمدپور(ن پ ا) احمدپور لڳ ڳوٺ خدا بخش ميتلو ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر جي آفيس ايسوسيئيٽ آفيسر رضا محمد ميتلو جي سس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ناليواري قانوندان منصور علي ميتلو جي امڙ ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري وئي، مرحومه جي جنازي نماز ۾ علائقي واسين توڙي وڪيلن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.