سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ سرڪاري پوليس موبائيل ذاتي ڪمن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳيون، پوليس موبائيل ۾ بيڊ جو سامان کنيو ويو، سرڪار پوليس موبائيل ۾ ڪنھن آفيسر جو سامان دوڪان تان گھر پھچايو پيو وڃي، ذاتي ڪمن جي لاءِ سرڪاري گاڏي استعمال ٿيڻ معمول بڻجي ويو آھي، ڪجهه ڏينھن اڳ باگڙجي توڙي لاڙڪاڻو ۾ ڄڃ ۾ به پوليس موبائيلون شريڪ ھيو. سرڪاري پوليس موبائيلون شادين توڙي ذاتي ڪمن لاءِ استعمال جو ذميوارن ڪو نوٽيس نه ورتو.