ڪراچي (نمائندن وٽان) احساس ڪفالت سينٽرن تي مستحقن جي وظيفي مان ڪٽوتي جون شڪايتون جاري آهن، مختلف شهرن ۾ جھيڙا به ٿيا، جڏهن ته رش ۽ بد انتظامي سبب عورتون بيهوش پڻ ٿيون. ان ڏس ۾ ٽنڊو مستي ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن سان گڏ آيل مردن ۽ سينٽر تي مقرر اھلڪارن ۾ جھيڙو ٿي پيو، لتون ۽ مڪون لڳڻ سبب نوجوان عبدالستار پٽ حاجي چڍڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس کڻائي مقامي اسپتال ۾ علاج لاء ڇڏيو، هوڏانهن زخمي نوجوان جي امڙ چيو ته اسان صبح کان آيل هئاسين، منهنجو ڇوڪرو مونکي پاڻي ڏيڻ لاءِ آيو ته پوليس وڙهي، پوليس موجب اسان هنن کي ڪافي ڀيرا جهليو ته عورتن ۾ نه اچو پر هي ڪونه مڙيا. نوشهروفيروز ۾ احساس ڪفالت جي قسط ھلائڻ لاءِ ڊگري ڪاليج نوشھروفيروز ۾ قائم ڪيل سينٽر مان صحافي سڏائي 60 لک رپيا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ھڪ شخص جبار راجپوت کي احساس ڪفالت جي ايجنٽن پڪڙي ڪٽڪو ڪڍي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٽنڊوآدم جي ليڊيز اسپتال ۾ قائم ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي انتظامي نا اهلي جي ڪري سوين عورتون دربدر ٿي ويون، ڀٽ شاھ احساس ڪفالت سينٽر تي ايجنٽن جي نمائندن پاران عورتن جا فوٽو ڪڍڻ ۽ وڊيو ڀرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آھي، ڀٽ شاھ ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي سوين عورتون نٽھڻ اس ۾ بيحال ٿيڻ لڳيون آھن ٽائيم نيوز جي ٽيم پھچڻ تي ايجنٽن رڪارڊنگ سميت رشوت وٺڻ جوسلسلو بند ڪندي پئسا ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيا. سخت گرمي جي ڪري ھڪ پيرسن عورت بيھوش به ٿي وئي. ، شيخ ڀرڪيو ۾ احساس ڪفالت سينٽر ۾ عورتن احتجاج ڪندي پئسا من پسند ماڻهن کي ڏيڻ ۽ پنج سو کان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي جون شڪايتون ڪيون. فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽرن ۾ غريب مستحق عورتن کان 500 کان 1000 ھزار رپيا ڪٽوتي جون شڪايتون مليون آهن. لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ پي وي اسڪول، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سميت مختلف علائقن ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر ۾ مستحق عورتن جي رقم مان 500 کان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي جو سلسلو جاري رهيو. شڪايتن تي اي سي سينٽر عملي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. غوثپور احساس ڪفالت سينٽر ۾ رقم مان غيرقانوني طور ڪٽوتي ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد اي سي ڪنڌڪوٽ احساس ڪفالت سينٽر تي پهتو، رتي ديري جي احساس ڪفالت سينٽرن تي مستحق عورتن جي پيسن جي ڪٽوتي جون شڪايتون مليون. جڏهن ته شهر جي پرائمري اسڪول1 ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تان ايجنٽ شيراز سومرو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٺل، نئون دمبالو، ميرپور ساڪري، ڏيپلو ۾ ڪٽوتي جون شڪايتون مليون. ڇاڇرو احساس ڪفالت سينٽر تي امدادي رقم لاءِ آيل ٻه عورتون بيهوش ٿي ويون، تنگواڻي ۾ ڪارڊ ۽ پئسا کڻندي ايجنٽ جو مستحق عورت جميلا خاتون پاران گهيرو ڪيو ويو، سخت ڇڪتاڻ بعد ايجنٽ موٽرسائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويو .