تيونس جي سمند ۾ ٻيڙي ٻڏي وئي، 41 ماڻهو ٻڏي فوت

0
708

تيونس (ڊيسڪ رپورٽ) تيونس جي سمند ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 41 ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب ٻيڙي ۾ سوار ماڻهو اٽلي جي ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ تيونس جي سمنڊ ذريعي روم جي سمنڊ کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪر رهيا هئا ته ان دوران انهن جي ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب 41 ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا، تيونس جي نيشنل ڪوسٽ گارڊ جو چوڻ آهي ته ٻڏي فوت ٿي ويلن ۾ هڪ ٻارڙو به شامل آهي ۽ سمورن ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ٽن ڄڻن کي بچايو ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب گذريل مهيني ۾ ان ئي شهر مان ويندڙ پناهگيرن جي ٻيڙي ٻڏي وئي هئي جنهن ۾ 39 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.