آمريڪي صدر ذهني مريض، عهدي تي وڌيڪ ڪم جاري رکڻ لاءِ اهل ناهي

0
400

ڪراچي(م ڊ) وائٽ هائوس جي اڳوڻي ڊاڪٽر روني جيڪسن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي صدر جوبائيڊن کي صحت بابت شديد قسم جا مسئلا آهن جيڪي اڃا وڌيڪ خراب ٿيندا، اڳوڻي صدر باراڪ ابامه ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ وائٽ هائوس جو فزيشن رهندڙ ڊاڪٽر روني جيڪسن جو چوڻ آهي ته شديد ذهني ۽ صحت جي مسئلن جي ڪري امريڪي صدر جوبائيڊن عهدي تي وڌيڪ ڪم جاري رکڻ جو اهل ناهي، ڊاڪٽر روني جو چوڻ آهي ته 79 سالن جي بائيڊن کي مجبور ڪيو ويندو ته هو مستعفي ٿئي، بائيڊن مستعفي نه ٿيو ته 25 هين ترميم ذريعي هن کي هٽائڻو پئجي سگهي ٿو، واضح رهي ته جوبائيڊن اربع تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيترائي ڀيرا اٽڪيو وسري وڃڻ جو شڪار ٿيو، هڪ مهينو اڳ به رپورٽر جي سوال تي جواب ڏيندي هن کيسي مان پرچو ڪڍي جواب ڏنو هو.