نئين دھلي: 100 سالا عورت خوشحال زندگي جو راز ٻڌائي ڇڏيو

0
260

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ زندگي جون 100 بهارون ڏسندڙ پيرسن عورت خوشحال زندگي جو راز ٻڌائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر ممبئي ۾ رهندڙ 100 ورهين جي ڪمالا نالي عورت جي وڊيو هيومنز آف بامبي نالي پيج انسٽاگرام تي شيئرڪئي آهي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ خوش مزاج پيرسن عورت کي هلندي گهمندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ عورت پنهنجي هڪ صدي واري زندگي ۾ عالمي جنگين، هندستان جي آزادي سميت ڪورونا ۽ ٻين عالمي وبائن کي منهن ڏنو، ان حوالي سان ڪمالا جو چوڻ آهي ته ڪامياب زندگي جو راز اهو آهي ته مون هر ڏک سک ۽ تڪليف کي چيلينج سمجهي ۽ کليل دل سان قبول ڪيو آهي. هن چيو ته مون سمورين تبديلين کي کلي دل سان قبول ڪيو ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن تبديليون سٺيون ثابت ٿينديون آهن.