آغا سراج دُراني جي گرفتاري جو رڪارڊ طلب: نيب کي نوٽيس جاري

0
197

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دُراني جي گرفتاري جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس تي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آغا سراج دُراني هڪ سال کان جيل ۾ قيد آهي، ضمانت منظور ڪئي وڃي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پُڇيو ته آغا سراج دُراني ڪهڙي جيل ۾ آهي؟ اسپيڪر جي وڪيل چيو ته آئون سمجهان ٿو هو ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد آهي

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان وڪيل آيو، اها به خبر نه اٿئو ته آغا سراج دُراني ڪهڙي جيل ۾ آهي؟

عدالت نيب سوڌو لاڳاپيل ڌُرين کان 19 اپريل تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي، سينٽرل جيل ڪراچي جي اختيارين کي آغا سراج دُراني جي گرفتاري جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي