آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اُميدوارن کي آرڊر نه ملڻ بابت ڪيس: حڪومت جواب جمع نه ڪرايو

0
305

ڪراچي: سنڌ سرڪار تعليم کاتي ۾ ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اُميدوارن کي آرڊر نه ملڻ بابت ڪيس ۾ جواب جمع نه ڪرايو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل اي جي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 21 هزار جايون خالي هجڻ باوجود 33 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اُميدوارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي

درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته اُميدوارن پي ايس ٽي ۽ جَي اِي ايس ٽي لاءِ 2021ع ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي