آصف زرداري جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي!

0
525

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبيعت بابت خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته آصف زرداري جي طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي
پ پ قيادت توڙي خانداني ذريعن آصف زرداري جي طبيعت جي حوالي سان ڪابه پڌرائي جاري ناهي ڪئي نه وري سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد به ڪئي آهي
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري جون ميڊيڪل رپورٽس ملڻ کانپوءِ ميڊيڪل بورڊ مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو
ٻڌايو پيو وڃي ته آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري به اسپتال پهچي ويو آهي

ھي به پڙھندا

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، ڪلفٽن جي خانگي اسپتال ۾ داخل

آصف علي زرداري جي طبيعت خراب، اسپتال داخل