آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
193
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

ذريعن موجب سردار عبدالقيوم نيازي پنهنجي استعيفيٰ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ آزاد ڪشمير جي صدر کي به موڪلي ڇڏي آهي

عمران خان جي نالي پنهنجي پيغام ۾ سردار عبدالقيوم نيازي چيو ته وزارت عظميٰ مون وٽ امانت هئي ۽ اڄ واپس ڪري رهيو آهيان. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ طرفان آزاد ڪشمير جي پنهنجي ئي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي هئي