ڪراچي (م ڊ) ناليواري اسپورٽس ڪمينٽيٽر عاليا رشيد پنجاب پوليس تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي سان آر پي او راولپنڊي پاران 13 سيپٽمبر تي جاري ڪيل ليٽر دوري ملتوي ٿيڻ جو مک ڪارڻ بڻيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عاليا رشيد چيو ته جيتوڻيڪ اهو ليٽر عام رواجي هو پر ان ليٽر ۾ حضرت امام حسين عليه سلام جي چاليهي ۽ نيوزيلينڊ ٽيم جي دوري کي گڏائي پيش ڪيو ويو ۽ انهي حوالي سان مختلف سيڪيورٽي خطرن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو، ٻئي طرف ناليواري صحافي سليم الله صافي پابندي پيل تنظيم ٽي ٽي پي جي اڳواڻي ترجمان احسان الله احسان جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ پابندي پيل تنظيم جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان ڄاڻايو آهي ته عالمي جهادي تنظيم داعش پاڪستان ۾ ڪو وڏو ٽارگيٽ حاصل چاهي ٿي، اهو ٽارگيٽ نيوزيلينڊ جي ٽيم پڻ ٿي سگهي ٿو. هن لکيو ته داعش پنهنجي ڪارروائي سان نه رڳو پنهنجي پاڪستان ۾ موجودگي ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي پر اها ميڊيا ۾ به اچڻ چاهي ٿي. احسان الله احسان موجب منهنجي انهيءَ ٽوئيٽ سان داعش وارا ناراض ٿيندا پر جيئن ته آئون ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي رکان ٿو ۽ رانديگرن تي حملي جي حق ۾ نه آهيان، انهي ڪري اهو ٽوئيٽ ڪري رهيو آهيان، نيوزيلينڊ جي حڪومت توڙي ڪرڪيٽ بورڊ کي پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.