اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت عمران خان جي گهڙي اسيڪنڊل ۾ عدالت وڃڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته عمران ڀلي عدالت وڃي، گهڙي چور کي انجام تي پهچائينداسين، عمران خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، ان حوالي سان بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته گهڙي چوري واري معاملي کي انجام تي پهچائينداسين، عمران خان سعودي ولي عهد طرفان تحفي طور ڏنل گهڙي به دبئي ۾ وڪڻي ڇڏي، هن چيو ته عمران خان معاملو عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي آهي اسان ان جي آجيان ڪريون ٿا، سڀ شيون ۽ رڪارڊ تي آهن، خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان ذاتي مقصدن لاءِ توشه خانه جي ضابطن کي تبديل ڪرايو، هر معاملي ۾ فرح گوگي جو نالو ڇو ايندو آهي؟ اهو ٻڌائڻو پوندو ته فرح گوگي جو عمران خان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران خواجه آصف چيو ته عمران خان تي حملي جو ڪيس داخل نٿو ٿئي ته وفاق جو ڪهڙو ڏوهه؟ حملو پنجاب جي حدن ۾ ٿيو ۽ ڪيس به اُتي داخل ٿيندو، عمران خان کي پرويز الاهي کان پُڇاڻو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته هن سموري گوڙ ۾ ان جي ڪرپشن دٻجي وڃي   ، شفاف عمل ذريعي عمران خان جي چوري، مني لانڊرنگ، بدديانتي، اثاثن ۾ واڌ ۽ ڪوڙي سازشي بيانيي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، فرح گوگي ۽ سندس مڙس کي پنجاب حڪومت کان اين آر او ڏياريو ويو، اهي معاملا به عدالت آڏو ايندا، اسان ۽ اسان جي ڪٽنب ڪيتريون انڪوائريون ڀوڳيون آهن، عمران خان کي به هاڻ ڀوڳڻو پوندو. نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون عطا تارڙ چيو آهي ته گهڙي چور عمران نيازي کي پنهنجي چورين جو حساب ڏيڻو پوندو، ٻاهرين ملڪن کان پاڪستان حڪومت کي ملندڙ ناياب تحفا وڪڻڻ ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ تي اڳوڻي وزيراعظم کي ڪرمنل ڪيس کي منهن ڏيڻو پوندو، فرح گوگي کي وطن واپس آڻڻ لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ٿيندا، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته دوست ملڪن کان ملندڙ تحفن ۽ انهن جي وڪري جا تفصيل سامهون آيا، گهڙي ساز ڪمپني جي گراف مطابق هڪ ارب کان وڌيڪ جي گهڙي گذريل حڪومت 2 ڪروڙ ۾ خريد ڪئي، عمر فاروق گهڙي ٽي وي تي ڏيکاري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان دبئي ۽ لنڊن ۾ نه ڀلي ڪورٽ آف جسٽس يا دنيا جي ڪنهن به عدالت ۾ وڃي ، عمران خان جي خلاف گهڙي جي مامري تي انڪوائري آغاز ڪيو ويو آهي، گهڙي جي مامري تي ڪيس داخل ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته فرح گوگي کي ڊسمبر جي آخر تائين پاڪستان واپس آڻڻ کي يقيني بنائينداسين.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي ايڪٽ ۾ تبديلي بابت خواجه آصف چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن بابت ميڊيا تي بحث غير ضروري آهي، حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ ڪا به وڏي تبديلي ڪرڻ تي غور نه ڪري رهي آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ 2019ع ۾ پنهنجي فيصلي ۾ پاڪستان آرمي ايڪٽ جي مختلف شقن جي جائزو وٺڻ جو چيو هو، جنهن فيصلي تي عملدرآمد ڪنهن مناسب وقت تي ڪيو ويندو.