سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن سبب 6 ڄڻا اجل جو شڪار

0
234

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن سبب 6 ڄڻا اجل جو شڪار، نوري آباد ويجهو خوفناڪ حادثو، هوسڙي واسي 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن

 ايم نائين موٽر وي تي تيز رفتار مزدا گاڏيءَ جو اڻڄاتل گاڏي سان ٽڪر سبب ڊرائيور جاڙو پنهور ، شاهد پنهور ۽   مڪيش ٺاڪر ٿڏي تي دم ڏنو، ٽنهي ڄڻن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا

پوليس موجب ٽنهي فوتين جو تعلق حيدرآباد جي هوسڙي واري علائقي سان آهي، ٻئي پاسي ٽنڊو ڄام ۾ ميرپور خاص روڊ تي ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر سبب ڊرائيور ذبيع الله ۽ سميع الله پٺاڻ فوت ٿي ويا

ٻٻر لوءِ وٽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٽول پلازا جو ملازم حامد ڇڄڻ فوت ٿي ويو، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

راڻيپور: ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ڪنوار سميت 2 عورتون فوت