ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي پارلياماني ليڊر، اڳوڻي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته آدمشماري جا نتيجا سنڌ جي عوام جي امنگن جي ابتڙ ظاهر ڪري سنڌ جي اصل آبادي کي گهٽ انگ ۾ ڄاڻائي ناانصافي ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان لڳ سيد محسن شاهه فوڊ انڊسٽريز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وفاق اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ سان مسلسل 3 سالن جي دوران ناانصافي جي انتها ڪئي آهي، سنڌ 71 سيڪڙو جي رائلٽي جو حق محفوظ رکي ٿي سنڌ جي قدرتي پيداواري وسيلن تيل، گئس جي رائلٽي مان ملڪ جي قومي خزاني ۾ جيڪا رقم جمع ٿئي ٿي ان مان سنڌ صوبي کي مالياتي اين ايف سي ايوارڊ مان پنهنجو جائز حق ڏيڻ ضروري آهي پر موجوده وفاقي حڪومت ان مان اڻ برابري جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، سنڌو دريا ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو ذميوار به وفاق آهي جنهن جي ڪري سنڌو دريا ۾ پاڻي جي ڇوڙ ۾ ناانصافي ڪئي وڃي پئي جنهن سان سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري نقصان رسيو آهي، تقريب کي پ پ ايم پي اي ضلعي صدر سيد اعجاز شاهه، ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين سيد شاهنواز محسن شاھ بخاري ، پ پ اڳواڻ مير علي رضا ٽالپر ، پير عاقب جان سرهندي ، محمد جمن ڪيهر ، شهريار خاصخيلي ، غلام عباس هالو ، محمد هاشم ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي . ان موقعي تي ايم اين اي سيد نويد قمر ، ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري فوڊ انڊسٽريز جو افتتاح ڪيو .