اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جي صورت ۾ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آءِ ايم ايف ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ بنا قسط جاري نه ٿيندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان جي سمورن مطالبن سان اتفاق ڪري ورتو هو پر قسط  جاري ڪرڻ ۽ پروگرام جو دورانيو وڌائڻ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مشروط آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ آءِ ايم ايف کي جواب ڏيندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ پاليسي ڳالهيون دوحا ۾ ٿيون، جنهن ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي نگران گورنر به شرڪت ڪئي. آءِ ايم ايف پاڪستان سان ڳالهين جو پڌرنامو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ پيٽرول ۽ بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو شرط رکيو ويو آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ قرض پروگرام جي مقصدن جي حاصلات تي به زور ڏنو ويو آهي ۽ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، آءِ ايم ايف پڌرنامي ۾ چيو آهي ته سمورن پاڪستانين جي فائدي لاءِ مائڪرو اڪنامڪ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستاني اختيارين سان انتهائي تعميري ڳالهيون ٿيون،  آءِ ايم ايف جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان گذريل جائزي ۾ طئي ٿيل پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪئي، ناڻي وزارت جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ جاري رهنديون، ناڻي وزير اڄ دوحا کان پاڪستان پهچندو.