قمبر ( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ لئو ميرجت مان کنڀيل نوجوان محمد علي چانڊيو جو پتو نه پئجي سگهيو.وارثن قمبر لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.شوڪت چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ ڊرگهه ٿاڻي جي پوليس ۽ خانگي ڪپڙا پھريل اھلڪار محمد علي چانڊيو کي کڻي ويا.هن چيو ته ڀاءُ محمد علي هارپو ڪندو آهي، ان جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان تعلق ناهي.