هٿيارن جي اسمگلنگ: بابل خان ڀيو جو موقف سامهون اچي ويو

0
20

صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو هٿيارن جي اسمگلنگ واري معاملي ۾ پنهنجي ۽ پٽ جي ملوث هئڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

ٽائيم نيوز سان فون تي ڳالهائيندي بابل ڀيو چيو ته  منهنجو يا منهنجي پٽن جو هٿيارن جي اسمگلنگ واري معاملي سان ڪو به تعلق نه آهي، جنهن گاڏيءَ تي اسان جا پينا فليڪس لڳل آهن اها اسان جي گاڏي نه آهي

هن چيو ته سياسي ماڻهو آهيون اسان جا پينافليڪس ڪير به لڳائي سگهي ٿو، اسان جي خاندان جي ڪردار کان سنڌ واسي واقف آهن

ڏيڍ سال کان ڏوهارين سان ويڙهه ڪري رهيا آهيون ۽ امن جا حامي آهيون، گرفتار ڪيل جوابدارن سان به منهنجو ڪو تعلق نه آهي

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ناحق ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي