صدر آصف زرداري پنهنجي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري کي خاتونِ اول بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0
89

اسلام آباد: صدر آصف زرداري پنهنجي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري کي خاتونِ اول بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

پيپلزپارٽي جي ذريعن موجب آصفه ڀٽو زرداري کي صدر آصف زرداريءَ جي ڌيءَ طور خاتون اول جو درجو ڏنو ويندو، صدر آصف زرداري پنهنجي نياڻي کي خاتون اول قرار ڏيڻ جو باضابطه اعلان ڪندو

 آصفه ڀٽو زرداري صدر جي ڌيءَ طور ملڪ جي پهرين خاتون اول هوندي، عام طور خاتون اول جو درجو  رياستي سربراهه جي گهرواري کي ڏنو ويندو آهي، 2024 جي اليڪشن ۾ مهم ۾ آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري جي لاءِ چونڊ مهم هلائي هئي

 3 فيبروري 1993 تي جنم وٺندڙ آصفه شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداريءَ جي ننڍي ڌيءَ آهي، آصف علي زرداري جي عدالتن ۾ پيشين  ۽ جيل ۾ ملاقات دوران آصفه سدائين آصف علي زرداري جي هنج ۾ نظر ايندي هئي

هي به پڙهندا

وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي مقرري لاءِ صدر ڏانهن وفاقي وزيرن جي لسٽ موڪلي ڇڏي