نواب ولي محمد سانحو: زين شاهه 5 خونن جو نبيرو ڪرائيندو

0
67

نواب ولي محمد سانحي دوران مارجي ويل 5 ڳوٺاڻن جي خون جي نبيري لاءِ ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه سان صوبائي وزير علي حسن زرداري جي پٽ عاشق حسين زرداري ۽ ٻين ملاقات ڪئي اهي

اڳواڻن ملاقات دوران 10مئي تي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ 5 خونن جي نبيري جو فيصلو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي

علي حسن زرداري جي پٽ عاشق حسين زرداري، ذوالفقار گهلو ۽ ڀنڊ برادري جي متاثرين سيد زين شاهه سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي

ڀنڊ برادري ۽ زرداري ڌر پاران سيد زين شاهه تي اعتماد جو اظهار ڪندي کيس امين مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو

12فيبروري 2022 تي زمين جي مالڪيءَ جي تڪرار تان زرداري ڌر جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڀنڊ برادري جا 5 ڳوٺاڻا مارجي ويا هئا

ڪجهه ڏينهن اڳ زرداري ڌر جا ماڻهو منٿ ميڙ قافلو وٺي ڀنڊ برادري جي متاثر وٽ پهتا هئا، 10 مئي تي سيد زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ خونن جو نبيرو ٿيندو