مخالف اميدوار جي پيءُ تي مبينا حملو، شبير بجاراڻي سميت 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

0
48

ڪنڌڪوٽ ۾ مخالف اميدوار جي پيءُ تي مبينا حملي جو پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شبير بجاراڻي سميت 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ٻڌايو پيو وڃي ته ايم اين اي سميت ٻين جوابدارن خلاف عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو

 اين اي 192 تي شبير بجاراڻي خلاف چونڊ وڙهندڙ اميدوار عالم بجاراڻي جي والد حنيف بجاراڻي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي

 درخواست گذار موجب شبير بجاراڻي اليڪشن دوران پولنگ اسٽيشن ۾ جعلي ٺپا هڻائي رهيو هو، سندس خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکي ته هن منهنجي مٿان حملو ڪرايو

 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري حڪم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ  به بحال رکيو هو