کدڙن فقيرن جو تشدد ۽ تذليل جي واقعن خلاف ڪراچي ۾ مارچ : ڌرڻو

0
53
کدڙن فقيرن جو تشدد ۽ تذليل جي واقعن خلاف ڪراچي ۾ مارچ : ڌرڻو
کدڙن فقيرن جو تشدد ۽ تذليل جي واقعن خلاف ڪراچي ۾ مارچ : ڌرڻو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) کدڙن فقيرن تشدد ۽ تذليل جي واقعن خلاف مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو  هنيو، جنهن کي بنديا رانا، شھزادي راءِ، عورت مارچ جي اڳواڻ ساجده بلوچ، غزالا شفيق ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ کدڙن فقيرن تي تشدد جا واقعا وڌي رھيا آھن، کين انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي

ٽي ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان هڪڙي کدڙي فقير تي حملو ڪري کيس بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس به مظلومن جي مدد نٿي ڪري، هن چيو ته کدڙن فقيرن خلاف سوشل ميڊيا تي پڻ چڙ ڏياريندڙ مواد رکيو پيو وڃي

جنهن کي روڪڻ لاءِ سرڪار پاران ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي،  ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سمورن ٿاڻن تي کدڙن فقيرن لاءِ خاص ڊيسڪ قائم ڪري کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي،  ٻي صورت ۾ عيد کانپوءِ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو