ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ مقابلو، 2 جوابدار مارڻ جي دعويٰ ، ڪورنگي جي علائقي زمان ٽائون ۾ مبينه مقابلو ٿيو. پوليس موجب جوابدار غوث پاڪ روڊ تي شهري کان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس پھچي وئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، سندن قبضي مان پسٽل، گوليون، موبائيل فون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. جوابدارن جي فوري سڃاڻپ ناهي ٿي س هوڏانهن ذريعن موجب جوابدارن کي شهرين پڪڙي تشدد ڪري ماري ڇڏيو، پوليس پهچي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ مقابلي جي دعويٰ ڪئي