سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جو ڪيس سکر کان نوابشاهه منتقل

0
53

روهڙي جي سنگرار واري علائقي مان 3 سال اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جو ڪيس سکر کان نوابشاهه منتقل ڪيو ويو

 ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهي ۾ جڙيل جي آءِ ٽي 26 اپريل تي زاهد شاهه ۽ پريا ڪماري جي مائٽن سميت 16 ڄڻن کي طلب ڪري ورتو

 پوليس ذريعن  موجب پريا ڪماري جي والدين سکر بدران شهيد بينظير آباد ۾ جاچ ٽيم جي گڏجاڻي ڪوٺائڻ جي درخواست ڪئي هئي

 ذريعن موجب ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهي ۾ جڙيل ٽيم پاران جاچ جو مرڪز هاڻي شهيد بينظير آباد کي بڻايو ويو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته جاچ ٽيم گذريل ڏينهن 7 ڪلاڪ ڊگهي ويهڪ دوران پريا ڪماري جي والد ۽ چاچي سميت ٻين گهر ڀاتين جا انٽرويوز ڪيا هئا