ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي اڏام جاري : 140 رپين تي پهچي ويو: سون به 186200 رپيا تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 184400 مان 186200 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 20 ڊالرن جي اضافي سان 1929 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2200 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا اضافي سان 239.5 مان 240 ۽ انٽر بينڪ ۾ 52 پئسا واڌ سان 229.67 رپين تي پهتو، هوڏانهن پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 310 مان 311 ۽ يورو 50 پئسا اضافي سان 272 مان 272.5 رپيا ٿي ويا.