ملير: شهيد ناظم جوکيو جي وارثن ۽ قتل ڪيس جي جوابدارن وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آھي
ملير جي عدالت ۾ اڄ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ٻين خلاف فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو
شهيد ناظم جوکيو جي وارثن عدالت ۾ صلح نامو جمع ڪرائي ڇڏيو، جنھن ۾ چيو ويو آهي ته ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سميت 6 جوابدارن جا نالا ڪيس مان خارج ڪيا وڃن ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي
شھيد ناظم جوکيو جي وارثن 3 جوابدارن نياز سالار، حيدر علي ۽ مهر علي خلاف ڪيس هلائڻ جي درخواست ڪئي وئي آھي
عدالت شھيد ناظم جوکيو جي وارثن طرفان جمع ڪرايل صلح نامي جو اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي