ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ 2000 رپين جي رڪارڊ واڌ : ڊالر ۾ به 90 پئسن جو اضافو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 2000 رپين جي واڌ سان 124000 مان 126000 رپيا في تولو ٿي ويو
جڏهن ته چاندي 1460 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ڊالر 90 پئسا اضافي سان 176.4 مان 177.3 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 239.5 مان 240.5 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو پڻ هڪ رپيو اضافي سان 200.5 مان 201.5 رپين تي پهتو