18 ترميم کان پوءِ يونيورسٽين جو حال…..!

0
216
اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو!

سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مالي بحران اعليٰ تعليمي اداران جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي،18 ترميم کان اڳ يونيورسٽين ۾ مالي بحران اهڙا ڪلور نه ڪيا هئا جهڙي ريت هاڻ يونيورسٽين ۾ مالي بحران سنڌ جي ورسٽين کي تباهي ڪناري پهچايو آهي، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مالي بحران سبب هاڻ مادر علمين ۾ پگهارن، پينشنن ۽ رٽائرڊ ٿيندڙ آفيسر توڙي استاد ۽ ۽ ملازم رهتن جي ادائگي لاءِ سراپا احتجاج آهن،يونيورسٽين کي پوري عمر ڏيندڙ استاد هجن يا آفيسر يا وري ملازم کين رٽائرڊ ٿيڻ بعد رهتون ۽ پينشن ئي نه ملي  ته سندن گهرن جو گذر سفر ڏکيو ٿي پئي ٿو. تعليمي ادارن ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو يونيورسٽيون ايترو مالي بحران جو شڪار ٿيون آهن جو هاڻ يونيورسٽين ۾ وقت سر پگهارون ڏيڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي،

مالي بحران سبب نه رڳو يونيورسٽين ۾ پگهار وقت سر نٿا ملن پر هاڻ يونيورسٽي جو تحقيقي ڪم به بنهه گهٽجي ويو آهي، ليبارٽرين ۾ سهولتن نه هجڻ ڪري هاڻ تحقيقي ڪم به نٿا ٿين، جنهن سبب يونيورسٽيون رڳو هاڻ ڊگري ڏيڻ جون فيڪٽريون بڻجي ويون آهن، يونيورسٽين جي سربراهن کان يونيورسٽيز ۾ مالي بحران جو سبب معلوم ڪبو ته چيو ويندو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن يونيورسٽين جي بجيٽ گهاٽي ڇڏي آهي ، جنهن سبب سنڌ جا اعليٰ تعليمي ادارا مالي بحران جو شڪار ٿيا آهن. يونيورسٽين ۾ مالي بحران جو سبب رڳو هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران بجيٽ گهٽائڻ ناهي! مالي بحران جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن، يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کان ڪير پڇي ته يونيورسٽيز جي پنهنجي ڪمائي ڪٿي ۽ ڪهڙي مد ۾خرچ ٿئي ٿي؟

سالن کان يونيورسٽين جي پنهنجي وسيلن مان ايندڙ آمدني مان مالي بحران جو پورائو ڇو نه ٿي سگهيو آهي؟  ڇا هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران گهٽ ڪيل بجيٽ جي شرح ايتري گهڻي آهي جو يونيورسٽين جي پنهنجي آمدني مان به پوري نٿي ڪري سگهجي؟  پنهنجي ڪمائي جهڙوڪ شاگردن کان وصول ٿيندڙ داخلائون، هاسٽلن، پوائنٽ بسن ۽ ٻيون فيون آخر ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟ اهڙي ريت يونيورسٽين جي رهائشي ڪالونين م رهندڙ آفيسر، استادن توڙي ملازمن کان وصول ٿيندڙ ڪوارٽرن جا ڪرايا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ ساڳي ريت هاسٽلن اندر قائم ميسون( ڪينٽينون) دڪانن جي مسواڙ ڪٿي جمع ٿي ٿئي؟ يونيورسٽين جي استادن کي ملندڙ هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان مختلف پراجيڪٽ جو ڇا ٿو ٿئي ان لاءِ ملندڙ رقم جيڪڏهن پراجيڪٽن تي ئي خرچ ٿي ته انهن جا نتيجا ڪهڙا نڪتا؟ جن يونيورسٽين کي پنهنجي زرعي زمينون توڙي باغ آھن انھن جي آمدني توڙي پيداوار سميت ٻين آمدنين مان آخر ڇو مالي بحران نٿو گھٽجي؟

مالي بحران جا اصل ڪارڻ وائيس چانسلرن جون پاليسيون آهن! يونيورسٽين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۾ سياسي پرچين تي مقرر ٿيندڙ وائيس چانسلر پاڻ وڏين پرچين تي مقرر ٿيڻ بعد يونيورسٽين کي تعليم ۽ تحقيق جو اعليٰ ۽ معياري ادارو بڻائڻ بجاءِ يونيورسٽين کي سياسي سماجي شخصيتن جي پرچين تي روزگار فراهم ڪندڙ ڪارخانو بڻائين ٿا، يعني ڀرتين جي ڀرمار ٿئي ٿي، اهڙي ريت وائيس چانسلر وري استادن توڙي آفيسرن کي به خوش ڪرڻ لاءِ نه رڳو کين تڪڙا پروموشن ڏين ٿا اهڙي ريت يونيورسٽين ۾ آئي ڏينهن سليڪشن بورڊ ٿيڻ وائيس چانسلرن جي هائوسن جي مرمت ٿيڻ، توڙي تعمير ٿيندڙ آفيسون ۽ يونيورسٽين لاءِ خريد ٿيندڙ فرنيچر توڙي ٻيون شيون جا ٺيڪا به ڪميشنن عيوض ڏيڻ سميت ٻيا ڪيترائي سبب آهن، يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو ڪڏهن احتساب ٿيو آهي؟ ڪهڙي وائيس چانسلر کي ڪرپشن جي ڏوھه ۾ هٽائي ۽ رقم واپس ورتي وئي آهي؟

يونيورسٽين کي مالي بحران مان ڪڍڻ يا مالي بحران کان بچائڻ جي اولين ذميواري وائيس چانسلر جي هوندي آهي،وائيس چانسلرن کي ئي پاليسي جوڙڻي هوندي آهي، پر وائيس چانسلر خود مختيار نه هجڻ ڪري خود هن پوري عمل ۾ پنهنجا به هٿ ڪارا ڪن ٿا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن بجيٽ گهٽائڻ وقت يونيورسٽين کي چيو ته پنهنجي آمدني جا ذريعا ٺاهيو جنهن سان يونيورسٽيون ڪمائي سگھن، وائيس چانسلرن  يونيورسٽين جي آمدني تي ڪم ڪرڻ، ان کي بهتر ڪرڻ بجاءِ، يونيورسٽيز کي اسپيشل گرانٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪري هٿ هٿن تي رکي ويهي رهيا آهن، جنهن سبب يونيورسٽين ۾ سالن کان مالي بحران جو خاتمو ته نه ٿي سگهيو آهي پر يونيورسٽيون رهندو ئي شديد مالي بحران جو شڪار ٿي رهيون آهن. يونيورسٽين ۾ سمورن اڪائونٽس جي  اعليٰ سطح تي شفاف جاچ ٿيڻ سخت ضرورت آهي، يونيورسٽين ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل وائيس چانسلرن جو به احتساب ٿيڻ سان گڏ يونيورسٽين کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. ٻي صورت ۾ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادران جو حال به ايس آر ٽي سي جي بسن جهڙو ٿي ويندو، ۽ سنڌ جا نوجوان اعليٰ تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويندا.